جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي عدالت چرس جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار کي 25 سال قيد ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شرف الدين شاهه جي عدالت 30 ڪلو چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي بلوچستان جي علائقي ڍاڍر واسي جوابدار هاشم جتوئي کي 25 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، عدالت ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار کي وڌيڪ 5 مهينا قيد ڪاٽڻ جي سزا ٻڌائڻ جي فتويٰ جاري ڪئي.