جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ نائچ برادري جي عورتن تي تشدد، وڊيو وائرل، سول لائن ٿاڻي جي حد چنا محلا جي رھواسين نظير احمد نائچ، تاج محمد نائچ، مائي پٺاڻي نائچ، مسمات ليلان  ٻين بااثرن خلاف احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته بااثرن اسان جي گھرن تي ڪاهه ڪري اسان مٿان حملو ڪيو آهي، گھر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، عورتن تي سول لائن پوليس جي موجودگي ۾ سخت تشدد ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ عورتون رتورت ٿي ويون آهن، پوليس اھلڪار جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھن، هنن چيو ته سنڌ سرڪار طرفان اسان کي گھر ٺاھڻ لاءِ 75 ھزار جي قسط ملي گھر ٺاھڻ جو ڪم شروع ڪيوسين ته بااثرن اسان جي گھر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي  ۽ ڀتو گهريو، انڪار تي حملو ڪري تشدد ڪيو ويو، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.