جيڪب آباد(رپورٽر)سنڌ بلوچستان ٽرانسپورٽرز جي سڏ تي جيڪب آباد ۾ ٽرانسپورٽرز فهد جکراڻي، شوڪت پنهور جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو، جلوس ۾ وڏي انگ ۾ ٽرانسپورٽرز شرڪت ڪئي، مظاهرين سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ نيشنل هاءِ وي تي زيرو پوائنٽ وٽ شاميانا هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب سنڌ  بلوچستان ۽ پنجاب طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي گاڏين جون قطارون لڳي ويون مظاھرين پاران سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي فهد جکراڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو بلوچستان ٽرانسپورٽ اٿارٽي پاران جعلي ٽرانسپورٽرز کي ڪوڙا پرمنٽ جاري ڪيا ويا آهن جنهن سبب سنڌ بلوچستان جي 50 سال کان مٿي پرمنٽ رکندڙ ٽرانسپورٽرز کي ڏکيائيون ۽ نقصان ٿي رهيو آهي مظاھرين سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ڪوڙن پرمنٽ تي ايندڙ گاڏين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي مالڪن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو