جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ وڌندڙ بدامني خلاف نوجوان اتحاد پاران شهيد الهه بخش سومرو پارڪ کان معاويه بنگلاڻي ثاقب ڀٽي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته جيڪب آباد ۾ بدامني جي باهه ٻري پئي آهي واپاري تنظيمون ۽ شهري اتحاد جا اڳواڻ پنهنجي مفادن خاطر ايس ايس پي جا ڳجهو بڻيل آهن واپارين پنهنجي مفادن خاطر هڪ ڏينهن ڌرڻي جو اعلان ڪيو ايس ايس پي جي اچڻ کانپوءِ احتجاجي تحريڪ تان هٿ کنيو ويو آهي شهر ۾ ڦر چورين ۽ ڌاڙن جا وارداتون وڌي ويا آهن پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي هنن چيو ته پوليس ۽ ڏوهاري هڪ پيج تي آهن شهر ۾ وڌندڙ بدامني سبب ڪاروبار تباهه ٿي ويو هندو برادري سميت شهري ڳڻتي ۾ ورتل آهن هنن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻايو وڃي واپارين کان ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.