جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ هندو پنچائت جي اڳوڻي صدر بابو مهيش ڪمار لاکاڻي کي اڻڄاتل ڏوهاري پاران فون ڪال ڪري ڀتو طلب ڪيو ويو آهي، ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ کيس پٽ سميت خاندان کي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، هندو پنچائت جي اڳوڻي صدر پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اڻڄاتل ڏوهاري پاران واٽس اپ ڪال ذريعي ڀتو ڏيڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، ڌمڪيون ڏيندڙ پنهنجي سڃاڻپ باجڪاڻي ڏوهاري طور ڪئي، جنهن وٽ منهنجي سرگرمين ۽ پٽ جي سرگرمين بابت مڪمل ڄاڻ هئي، بابو مهيش چيو ته ڀتاخور خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻيندس، آئون ڊڄڻ وارن مان ناهيان نه ئي مون کي ڪنهن جو خوف آهي، جيڪڏهن ته آئون ڊڄي ويندس ته جيڪب آباد ۾ رهندڙ 40 هزار هندو برادري جو ڇا ٿيندو؟ .هوڏانهن هندو پنچائت جي اڳوڻي صدر بابو مهيش ڪمار کي ڀتي لاءِ ڌمڪيون ڏيڻ واري معاملي تي هندو پنچائت جي موجوده صدر لال چند سيتلاڻي معاملي کي ڊرامو قرار ڏيندي چيو ته جيڪب آباد ۾ 40 هزار هندو هئڻ باوجود صرف بابو مهيش ڪمار کي ڀتي لاءِ ڇو ڌمڪيون مليون آهن؟ هن هندو برادري جي ماڻهو جي گهر تي قبضو ڪيو آهي هاڻي ان کي هراسان ڪرڻ لاءِ اهڙو ڊرامو پيو ڪري.