جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد پوليس پاران کنڀيل نوجوان پرويز لاشاري جي مبينا پوليس مقابلي ۾ هاف فراءِ جي واقعي خلاف پيرسن جوڙي مسمات ڪامُل ۽ محمد شريف لاشاري عدالت ٻاهران احتجاج ڪندي دانهيو ته پٽ پرويز لاشاري کي 10 ڏينهن اڳ سٽي ٿاڻي جي ايس ايچ او کنڀيو جنهن آزادي لاءِ ٻه لک گهريا هئا نه ڏيڻ تي پٽ پرويز لاشاري جي ڪوڙي مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي هنن چيو ته پٽ پرويز لاشاري سان کنڀيل فائق عرف اسرار لاشاري ۽ فدا لاشاري کي 3 ڏينهن اڳ هاف فراءِ ڪيو ويو گذريل رات پٽ کي ٺل ۾ هاف فراءِ ڪيو ويو آهي هنن چيو ته پوليس بيگناهه اسان جي نوجوان کي گوليون هنيون آهن، نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي .