جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد جيئل شاهه پاڙي ۾ جمالي واهه مان نوجوان خدا بخش بروهي جو لاش هٿ آيو اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال پهچايو فوتي جا وارث به اسپتال پهتا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو وارثن فوتي جو لاش قومي شاهراهه تي جمالي واهه ڦاٽڪ وٽ رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ان موقعي تي فوتي جي ڀاءُ الهه بخش بروهي جو چوڻ آهي ته ڀاءُ خدا بخش بروهي کي قتل ڪيو ويو آهي چوري ڪرڻ جي بهاني تي ڀاءُ کي ورغلائي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو ڀاءُ جي قتل ۾ ذاڪر بروهي، بابل بروهي، لالو بروهي، شاهه زمان بروهي ملوث آهن ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو علائقي ۾ چوٻول آهن ته فوتي چوري ڪرڻ لاءِ ويو ڀاڳين جي سڄاڳ ٿيڻ سبب واهه ۾ ٽپو ڏنو آهي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو ته نوجوان جو موت ڪيئن ٿيو پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ پتو پئجي ويندو ۽ جاچ به جاري آهي.