جيڪب آباد (رپورٽر)مير پور ٻرڙو جي رهواسڻ پيراڻي پنهنجي پٽ پهلوان ٻرڙو ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب جيڪب آباد آڏو احتجاج ڪندي دانهيو ته وڏي ڀاءُ پير بخش ٻرڙو هڪ جريب زرعي زمين ڏني، گل محمد، در محمد ۽ مبين ٻرڙو قبضو ڪري رهيا آهن، هن چيو ته در محمد، گل محمد ۽ مبين ٻرڙو وارن زمين جي معاملي تان منهنجي گهر ۾ داخل ٿي مون مٿان تشدد ڪري منهنجي ڄنگهه ڀڃي ڇڏي آهي مون کان بينظير انڪم سپورٽ تحت ملندڙ روڪ رقم به پڻ ڦر ڪري ويا آهن هن چيو ته پوليس کي شڪايت ڪئي وئي پر پوليس انهن خلاف ڪابه ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هنن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته زمين تي قبضي ۽ تشدد جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي