جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي جان محمد ڪالوني ۾ موبائيل فون چوري معاملي تان گولاتا برادري جي ماڻهن مندراڻي ڌر جي گهرن تي حملو ڪيو، جنهن دوران جهيڙي ۾ لٺين ۽ ڏنڊن جو استعمال ڪيو ويو، لٺيون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب 9 ڄڻا سھڻو مندراڻي، محمد عيسيٰ، محمد شريف، طفيل احمد، نثار احمد، ثناءُ الله، بابل مندراڻي ۽ گولاٽو ڌر جا راجا گولاٽو، ضمير گولاٽو زخمي ٿي پيا، پوليس پهچي جهيڙي تي ضابطو آندو.