جيڪب آباد (رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ پ پ شھيد ڀٽو جي سڏ تي عام واهپي جي شين ۾ مھانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڊي سي آفيس آڏو  ڌرڻو هنيو ويو،  ان موقعي تي عبدالستار جاگيراڻي،  سعيد احمد بروهي،  احمد علي بروهي،  ڊاڪٽر اي جي انصاري ۽ ٻين چيو ته شهر ۾ هٿرادو مھانگائي پيدا ڪري شهرين کي لٽيو وڃي ٿو، سبزي منڊي ۾ منافعي خورن  من پسند اگهه تي سبزي ۽ فروٽ وڪرو ڪري رهيا آهن،  غريب طبقو بکون ڪاٽڻ تي مجبور  آهي، نوٽيس وٺي رليف فراهم ڪيو  وڃي، هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد محمد يوسف شيخ احتجاج ڪندڙن جي وفد کي آفيس ۾ گهرائي ورتو شهر ۾ هٿرادو مھانگائي ۽ سبزي منڊي جي ماشاخورن خلاف ڪارروائي جي يقين ڌياني ڪرائي.