جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ مل مالڪ کان مبينا طور 40 لک ڦر، خبر موجب سٽي ٿاڻي جي حد پٿرموڙ وٽ موٽرسائيڪل سوار ٽن اڻڄاتل هٿياربندن مل مالڪ ڀڄن لال کان 40 لک روڪ رقم ڦر ڪري ورتي، واپاري جي بروقت اطلاع باوجود پوليس ناڪابندي نه ڪرائي جنهن ڪري ڦورو فرار ٿي ويا، واپاري ڀڄن لال شڪارپور جي علائقي جاڳڻ تائين ڏوهارين جو پيڇو ڪندو رهيو پر پوليس سندس ساٿ نه ڏنو، واپاري جو چوڻ هو ته مل مان رقم کڻي گهر وڃي رهيو هيس ته پٿر موڙ وٽ هٿياربندن رقم ڦر ڪري ورتي، ان سلسلي ۾ ايس ايچ او سٽي سان رابطو ڪيو ويو ته هن واقعي کان لاعلمي ظاهر ڪري ڇڏي.