جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد مان 15 فيبروري تي کنڀيل نوجوان پرويز لاشاري کي 23 فيبروري تي ٺل ۾ هاف فراءِ ڪرڻ واري معاملي جو داخل ڪيل درخواست تي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج عطاءُ الله مهر جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران درخواستگذار نوجوان پرويز لاشاري جي امڙ مسمات ڪامُل پنهنجي وڪيل سان گڏ پيش ٿي، عدالت ۾ پوليس رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جمع ڪرايل رپورٽ ۾ پوليس ڄاڻايو آهي ته نوجوان پرويز لاشاري ڏوهاري آهي، جنهن کي ٺل ۾ پوليس مقابلي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي، ٻڌڻي دوران جج درخواستگذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوھان جو نوجوان ملي ويو آهي، ڪيس تان هٿ کڻو ٿا، جنهن تي وڪيل چيو ته نوجوان پرويز لاشاري کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائڻ کان پوءِ نوجوان جي ڪوڙي مقابلي ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي وئي، پوليس عدالت ۾ درخواست کانپوءِ هٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪيا آهن، جيڪا رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، عدالت دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.