جيڪب آباد(رپورٽر) جمس اسپتال انتظاميا خلاف شهرين پاران هڪ احتجاجي جلوس اعجاز احمد لوڊرو، نعيم احمد سومرو، اصغر ٽالاڻي، نديم پنهيار ۽ سراج سومرو جي اڳواڻي ۾ شھيد الهه بخش سومرو پارڪ کان پريس ڪلب تائين ڪڍيو ويو جمس انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي وئي پريس ڪلب آڏو شهري اعجاز احمد لوڊرو صحافين آڏو دانهيندي چيو ته 6 ڏينهن اڳ مون پنھنجي گھرواري کي ويم لاءِ جمس اسپتال آندو ھو جتي  آپريشن دوران ليڊي ڊاڪٽر جي مبينا غفلت سبب منھنجي گھرواري فوت ٿي وئي ان جي ڪفن دفن ۽ تڏي سبب ايترا ڏينهن لڳا آهن هن چيو ته جمس اسپتال ۾ مريضن لاءِ ڪا به سھولت موجود ناھي ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون پنھنجي مرضي هلائي رھيا آھن جنھن ڪري مريض مرن ٿا جمس اسپتال کي تباھه ڪيو ويو آھي مريضن لاءِ دوائون به موجود ناھن هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرياڻين ۽ جمس عملي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ ڊائريڪٽر جمس عبدالڪريم جمالي کي ھٽايو وڃي.