جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد ۾ ٺل واسي مولوي شبير احمد کان هٿياربندن 6 لک روڪ رقم موٽرسائيڪل ۽ موبائل فون جي ڦر ڪئي مزاحمت تي هٿيارن جا بٽ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو مولوي شبير احمد ڊي سي آفيس جي مک دروازي آڏو پهچي احتجاج ڪندي دانھيو آهي ته قرباني جي لاءِ جانور خريد ڪرڻ لاءِ 6 لک رپيا روڪ رقم موبائيل فون ۽ موٽرسائيڪل هٿياربند ڦر ڪري ويا آهن مزاحمت تي بٽ هڻي زخمي ڪيو ويو آهي هن چيو ته امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي هن ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل رقم جو نوٽيس وٺي واپس ڪرائي ڏنو وڃي.