جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي بقا محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ مل گزار بليدي ۾ ڳوٺاڻي الهه بخش بليدي جي گهر ۾ جوابدار داخل ٿي عورت صاحبه بليدي سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي جوابدار ڪهاڙين جا وار ڪري عورت کي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، عورت صاحبه ان جي مڙس الهه بخش بليدي چيو ته بااثر جوابدار روزانو هراسان ڪندو آهي، جوابدار گهر ۾ گهڙي گهر ۾ موجود اڪيلي عورت سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي کيس ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪيو ويو، هنن چيو ته پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي، نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.