جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ عورت جو زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ جو انڪشاف، متاثر عورت عدالت پهتي، مڙس تي تشدد ۽ زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ جو بيان، ڀاءُ حوالي، خبر موجب بهادرپور جي رهواسڻ اوڏ برادري جي عورت شاهده اوڏ جو زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، متاثر عورت دلمراد پوليس وٽ پهتي، پوليس کيس سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عورت عدالت ۾ بيان ڏنو ته سندس مڙس تشدد ڪري زبردستي ڪلمو پڙهائي مذهب تبديل ڪرايو، عدالت بيان کانپوءِ عورت کي ٻارن سميت ڀاءُ حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.