جيڪب آباد(رپورٽر) عام انسان تحريڪ پاران شهر ۾ ڪيميڪل واري کير، غيرمعياري زرعي دوائن جي وڪري ۽ منشيات جا اڏا هلڻ خلاف جلوس ڪڍي سيد علي شاھه، الطاف ميراڻي، مجيب کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن چيو ته شهر ۾ ڪيميڪل وارو کير وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب اڪثر شهري معدي ۽ گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته غيرمعياري کير ۽ دوائون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري منشيات جا اڏا ختم ڪرايا وڃن.