جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ نادرا آفيس سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ آيل پيرسن عورت مزدا جي ٽڪر ۾ فوت، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام، خبر موجب باءِ پاس تي قائم نادرا آفيس ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ آباد کان آيل پيرسن عورت نظيران زال عيدن انڙ کي مزدا ٽڪر هنيو، جنهن ۾ هوءُ سخت زخمي ٿي پئي، عورت کي سول اسپتال آندو ويو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، عورت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، پيرسن عورت جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.