جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ سيپڪو اختيارين جو ڪنڊا ڪنيڪشن خلاف آپريشن، 400 کان وڌيڪ ڪنڊا ڪنيڪشن ڪاٽا، تارون ضبط، 17 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ليٽر جاري، خبر موجب سيپڪو عملدارن شهر جي جت محلا، دستگير ڪالوني، مختيارڪار روڊ سميت مختلف هنڌن تي بجلي چورن خلاف آپريشن ڪيو، جنهن دوران 400 کان وڌيڪ ڪنڊا ڪنيڪشن ڪاٽي تارون ضبط ڪيون ويون، ان سلسلي ۾ عملدارن چيو ته بجلي چورن خلاف ڪارروائي ڪري ڪنڊا ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا آهن، جڏهن ته بجلي چورن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ لاڳاپيل ٿاڻي تي ليٽر به موڪليو آهي، هنن چيو ته بجلي چوري ڪندڙن کي ڪنھن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.