جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ سلينڊر مان باهه لڳڻ سبب پيءُ سندس معصوم ڌيءَ ۽ پٽ سڙي زخمي، فرسٽ فيملي لائن  ۾ گهر اندر گيس سلينڊر مان باهه لڳڻ سبب شعيب پٺاڻ سندس 6 ورهين جي ڌيءَ اريبا ۽ 4 ورهين جو پٽ ايان سڙي زخمي ٿي پيا، زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽر سميت بجلي نه هئڻ سبب معصوم ٻارن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر ۽ نوجوان کي جيڪب آباد جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو، سڙي زخمين ٿيل جي وارثن دانهيندي چيو ته سول اسپتال ۾ سهولتون نه هيون ڊاڪٽر ڊيوٽي تي موجود نه هئا جڏهن ته بجلي نه هئڻ سبب جنريٽر به نه هلايو ويو، معصوم ٻارن جي حالت خراب هئي، انهن کي سکر منتقل ڪيو ويو جڏهن ته نوجوان کي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو .