جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ڀرسان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ واهه جي ڪپر جي مالڪي تان جهيڙو، ٽي ڄڻا قتل، هڪ جو لاش نه مليو، شهر جي ڪريم بخش ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد مراد کوسو ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾  زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو،جھيڙي دوران ڌرين هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ ٽي ڄڻا قتل ٿي ويا، اطلاع تي پوليس وقعي واري هنڌ پهچي ٻن نوجوانن آفتاب کوسو ۽ محمد مراد عرف بابي کوسو جا لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيا،  پوليس ٻڌايو ته کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ۾ ٽن ڄڻن جي قتل بابت اطلاع اطلاع مليو آهي، ٻن ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن، اونداهي سبب ٽيون لاش هٿ نه اچي سگهيو آهي.