جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ قمبراڻي_ معرفاڻي برادري ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو، معرفاڻي ڌر تي 6 ۽ قمبراڻي ڌر تي 3 خون ثابت، 2 ڪروڙ 73 لک 50 هزار رپيا ڏنڊ مقرر، جيڪب آباد جي علائقي مولاداد ۾ نور رحمان جکراڻي جي بنگلي تي معرفاڻي ۽ قمبراڻي برادري جي ٻن ڌرين جي پراڻي خوني تڪرار جو جرڳو برهان چانڊيو، بابل ڀيو ۽ شفقت جکراڻي جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جرڳي ۾ ڳالهيون ٻڌڻ بعد ِ سرپئنچ بند ڪمري ۾ مشيرن مير چنگيز پنهور، جاڳڻ خان ڀيو، نجف خان ڪماريو سان صلاح مشوري کانپوءِ ٻاهر اچي فتويٰ جاري ڪئي، فتويٰ موجب معرفاڻي ڌر مٿان 6 خون ٻه زخمي ۽ قمبراڻي ڌر مٿان 3 خون ٻه زخمي ثابت ٿيا، في خون جي بها 25/25 لک رپيا مقرر ڪئي وئي، ڏيول قمبراڻي جي پٽ ۽ ڀائيٽي جي خون جو بها 35/35 لک رپيا رکيو ويو، معرفاڻي ڌر مٿان 6 خونن ۽ ٻن زخمين جا هڪ ڪروڙ 84 لک 50 هزار رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته قمبراڻي ڌر مٿان معرفاڻي ڌر جا 3 خون ۽ 2 زخمين جا 89 لک مقرر ڪيا ويا، مجموعي طور ٻنهي ڌرين تي 2 ڪروڙ 73 لک 50 هزار رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ڏيول قمبراڻي سرپئنچ برحان خان چانڊيو ۽ ممتاز جکراڻي جي چوڻ تي 20 لک رپيا ٿڏي تي معاف ڪري ڇڏيا، معرفاڻي ڌر 89 لک ڪٽي بقايا رقم 75 لک 50 هزار ٽن قسطن ۾ ادا ڪندي، قمبراڻين جا 2 ڪلاشنڪوف هڪ جي ٿري جيڪي معرفاڻي ڌر وٽ آهن اهي واپس ڪندا، معرفاڻي برادري تي پيل ڏنڊ ۽ هٿيار واپس ڪرائڻ واري معاملي جا اختيار صوبائي صلاحڪار بابل ڀيو جي حوالي ڪيا ويا آهن، جيڪي ٻنهي ڌرين ۾ تربيت سان حل ڪرائيندو، فيصلي ۾ طئي ڪيو ويو ته ٻئي ڌريون هڪٻئي خلاف داخل ڪيل ڪيس واپس وٺنديون.ٻي طرف سرپئنچ برهان چانڊيو چيو ته ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار ختم ڪرايو ويو آهي.