جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد اولڊ ڪاليج روڊ تي ڊي اي او سيڪنڊري آفيس آڏو موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن عدالت پيشي تي ويندڙن مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني. محمد حيات پهوڙ، سندس ڀائيٽو منير احمد ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته ٻيو ڀائيٽو نصير احمد پهوڙ سخت زخمي ٿي پيو،  اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، زخمي ٿيل نصير احمد کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو جيڪو رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جنهن جو لاش سول اسپتال واپس آندو ويو اطلاع تي مقتولن جا وارث به اسپتال پهتا مقتول چاچي ۽ ٻنهي ڀائيٽن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا وارث لاش کڻائي ڳوٺ پهتا ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو گهرڀاتي پنهنجي پيارن کي چنبڙي دانهون ڪندا روئيندا رهيا جنهن سبب ڳوٺ ۾ ماحول سوڳوار ٿي ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته برادري جي ماڻھن عدالت پيشي تي ويندڙ اسان جي ٽن ماڻهن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو. ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته پهوڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ هڪ ڏهاڪي کان تڪرار هلندڙ آهي جنهن تڪرار سبب ٽن ڄڻن کي قتل ڪيو ويو آهي.

ڳوٺ مهراڻ پهوڙ ڀرسان شهمير جا هٿ پير ڪٽي لاش لوڙهيو ويو هو

جيڪب آباد: ڳوٺ مهراڻ پهوڙ ڀرسان 2018 ۾ شهمير پهوڙ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو شهمير پهوڙ کي قتل ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ڪٽيا ويا ڌڙ سسي کان ڌار ڪري پاڻي جي کڏ ۾ لوڙهيو ويو هو جنهن واقعي جو مک ذميوار محمد حيات پهوڙ کي قرار ڏنو ويو ان واقعي جو ڪيس محمد حيات پهوڙ سميت ٻين تي داخل ڪيو ويو هو جنهن ڪيس ۾ محمد حيات پهوڙ پنهنجي ڀائيٽن سان گڏ عدالت حاضري تي اچي رهيا هئا ته انهن کي عدالت ڀرسان ئي قتل ڪيو ويو آهي.

 

جيڪب آباد: ايس ايس پي سليم شاهه عدالت حاضري تي ايندڙن تي حملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ڊي ايس پي سٽي ٺل پوليس سان گڏجي مقتول محمد حيات پهوڙ سندس ڀائيٽن منير احمد ۽ نصير احمد جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٺل جي ڳوٺ مهراڻ پهوڙ سميت ٻين ڳوٺن تي ڇاپا هنيا آهن ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب نور احمد پهوڙ ان جي ڀائرن وحيد پهوڙ، نويد پهوڙ، ظهور پهوڙ سميت ٻين کي گرفتار اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي پوليس الزام هيٺ آيل جي گهرن ۾ پيل سامان ۽ ڍور به ڪاهي وئي آهي ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته مختلف ڳوٺن ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جلد مک جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.