جيڪب آباد (رپورٽر) جمعيّت علماءِ اسلام مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف ھڪ احتجاجي جلوس دفتر جي يو آءِ جيڪب آباد کان پريس ڪلب تائين ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري،  مولانا عبدالجبار رند، مولانا نصر الله گھنڃو، انجنيئر حمادالله انصاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي. ڊاڪٽر اي جي انصاري خطاب ڪندي چيو  ته پ پ جا ذميوار چئي رهيا آهن ته مخالفن کي هر صورت ۾ هارائڻ جو انتظاميا کي حڪم ڏنو آهي. ۽ 300 بيلٽ پيپرس هر پولنگ لاءِ پ پ اميدوارن کي گهرن ۾ ٺپا ھڻڻ لاءِ ڏيڻ جا اطلاع آهن اسان واضح ڪريون ٿا  ته جي يو آءِ گولي جو جواب گولي سان ڏيندي جيڪڏھن ڪنھن به ڀوتار، پرزائيڊنگ آفيسر يا پوليس ڌانڌلي ڪئي ته حالتن جا ذميوار هوندا. ڊي آر او، آر اوز، ڀوتارن ۽ ٻين ملوث زيادتي ڪندڙ خلاف ايف آءِ آر ڪٽرائي ويندي انتظاميا جي ڏاڍ خلاف 500 سالار تيار ڪيا ويا آهن جيڪي مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار آهن.