جيڪب آباد(رپورٽ: عبدالغني کوسو) باهو کوسو جي کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ 5 سالن کان هلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو، 4 خون ثابت، هڪ، ڪروڙ 89 لک رپيا ڏنڊ، باهو کوسو ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين فيض محمد کوسو ۽ نور محمد کوسو جي ڌرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو قادرپور ۾ عبدالرزاق کوسو، ضلعي چيئرمين طاهر کوسو جي سرپئنچي هيٺ ٿيو، سرپئنچ ٻنهي ڌريون جون ڳالهيون ٻڌيون جنهن کان پوءِ فتويٰ ڏني وئي.فتويٰ موجب ته فيض محمد کوسو ڌر مٿان مقتول وقار کوسو سندس پيرسن والدين حاجي شاھڏنو ۽ خورشيد بيگم جا ٽئي خون ثابت ٿيا، مقتول وقار کوسو جي خون جي بها 25 لک، تيزاب هاري لاش ساڙي بيحرمتي ڪرڻ جا 15 لک، مجموعي طور 40 لک رپيا، جڏهن ته پيرسن شاھڏنو کوسو جي خون جو بها 25 لک، سندس وني خورشيد بيگم جي خون جو بها 50 لک رپيا مقرر ڪئي وئي. وقار کوسو جي قرض جا 20 لک رپيا، سکر ۾ وقار کوسو ڌر مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ جا 7 لک ۽ جهيڙي ۾ آيل خرچ جا 10 لک رپيا ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي. مجموعي طور فيض محمد کوسو ڌر مٿان هڪ ڪروڙ 52 لک رپيا چٽي رکي وئي، جڏهن ته نور محمد کوسو ڌر مٿان عاشق کوسو جي قتل ثابت ٿيڻ تي خون جو بها 25 لک، مهراب کوسو جي زخمي ٿيڻ جو 12 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو ،مجموعي طور 37 لک رپيا چٽي رکي وئي. فتويٰ کان پوءِ فيض محمد کوسو ڌر هڪ لک رپيا موقعي تي ادا ڪيا، بقايا هڪ ڪروڙ 51 لک رپيا ٽن قسطن ۾ ادا ڪيا ويندا، فتويٰ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته نور محمد کوسو ڌر پاڻ مٿان پيل 37 لک رپيا چٽي واري رقم ڏنڊ واري رقم ۾ شامل ڪرائي ٿي ته پوءِ فيض محمد کوسو ڌر پاران هڪ ڪروڙ 14 لک ٽن قسطن ۾ ادا ڪيا ويندا، جڏهن ته فتويٰ کانپوءِ ٻنهي ڌرين فيصلو قبول ڪيو. جڏهن ته پئسا قسطن ۾ ادا ڪرڻ کان پوءِ ڌريون هڪٻئي خلاف داخل ڪيل ڪيس واپس وٺي ڇڏيندا. جڏهن ته مقتول وقار کوسو سندس امڙ خورشيد بيگم ۽ والد شاھڏنو جي قتل ڪيس ۾ فيض محمد کوسو، سندس پٽ جميل کوسو، شفيق کوسو، عرض محمد سميت ٻيا جيل ۾ قيد آهن.