جيڪب آباد (رپورٽر) شهر جي بنيادي مسئلن پاڻي کوٽ، سول اسپتال ۾ سهولتن جي اڻهوند، اي اين ٽي بلاڪ آرٽس ڪائونسل حوالي ڪرڻ، روڊ رستا تباهه حال هئڻ خلاف سماجي اڳواڻن احتجاج ڪيو، ان ڏس ۾ عبدالحئي سومرو ساٿين سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جيڪب آباد واسي بنيادي مسئلن کان محروم آهن، شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ آهي، صحت جون سهولتون اڻلڀ آهن، سول اسپتال تباهي جي ڪناري تي پهتل آهي،

هنن مطالبو ڪيو ته شهرين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي.