جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ماهه رنگ بلوچ، سمي دين جي گرفتاري خلاف نوجوانن جي احتجاج تي پوليس ڪڙڪي پئي گرفتار،  بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي جي اڳواڻن ماهه رنگ بلوچ، سمي دين ۽ ٻين عورت اڳواڻن جي گرفتاري خلاف شهيد الهه بخش سومرو پارڪ کان بلوچ اسٽوڊنٽ پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج دوران  پوليس پهچي وئي پوليس جي وڏي نفري نوجوانن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو،  پوليس ٻڌايو ته احتجاج ڪندڙ 5 نوجوانن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو آهي.