جيڪب آباد (رپورٽر)  جيڪب آباد ۾ اجتماعي بدفعلي جو شڪار نينگر سيج سنگهه جي ڪيس ۾ جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا.متاثر نينگر جي چاچي ڌرم سنگهه پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته جوابدار ٺاھه لاءِ اسان کي فون ڪرائي ٿو ۽ انهن جا گهرڀاتي به پاڪ ڪتاب کڻي آيا آهن، پر جوابدارن کي معاف نه ڪنداسين، ڇو ته انهن ڀائيٽي سان ظلم ڪيو آهي.ايس ايس پي جيڪب آباد رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪبو. هن ڊي اين اي لاءِ ورتل جزا ليبارٽري نه اماڻڻ جي جواب ۾ چيو ته سنڌ حڪومت ڊي اين اي ٽيسٽ مفت ڪري ڇڏي آهي، سول لائن پوليس 5 ڏينهن ۾ جزا ڇو نه اماڻيا انهن خلاف ايڪشن ورتو ويندو.