جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ بدامني، هندو پنچائت صدر ۽ واپاري اڳواڻ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو وٽ پهچي ويا، امن ڪرائڻ جي اپيل، خبر موجب جيڪب آباد ۾ وڌندڙ بدامني سبب هندو برادري ۽ واپاري خوف ۾ ورتل آهن، ڪالهه هندو پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي، روشن لال، واپاري اڳواڻ احمد علي بروهي سان گڏجي وفد جي صورت ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران وفد پاران ڊي آءِ جي کي ٻڌايو ويو ته جيڪب آباد ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي، ضلعو بدامني جي باهه ۾ پي سڙي، ڦر ۽ چورين جي وارداتن سبب هندو برادري توڙي واپاري خوف ۾ مبتلا آهن، پوليس امن امان ڪرائڻ لاءِ ڪي به اپاءَ ناهن ورتا، هنن چيو ته هفتي دوران هندو واپاري ڀڄن لال کي ٽارگيٽ ڪري 40 لک ڦر ڪيا ويا، واپاري راهول ڪمار کي دڪان تي يرغمال بڻائي روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪيا ويا، واپاري ارشد دشتي جو گودام ٽوڙي 15 لکن جو زرعي ڀاڻ چوري ڪيو ويو، واپاري غلام حسين کوسو، منشي اڪبر پٺاڻ ۽ ٻين کان ڦر ڪئي وئي، ڊي آءِ جي هندو پنچائت ۽ واپارين جي وفد کي خاطري ڪرائي ته امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻايو ويندو.