جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد سبزي فروٽ منڊي يونين پاران بدامني ۽ واپاري کان 7 لک روڪ رقم ڦر واقعي خلاف هڪ احتجاجي جلوس ديدار لاشاري بشير سٻايو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو پهچي ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن چيو ته ڏيڍ مهينو اڳ واپاري الاهي بخش کرل کان 7 لک روڪ رقم ڦر ڪئي وئي ان جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻايو وڃي. ٻي صورت ۾ شهر ۾ شٽربند هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو.