جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ وڌندڙ بدامني خلاف مختلف تنظيمن جي آل پارٽيز ڪاميٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي شعبان ابڙو، گلاب جان مينگل، چاڪر جوڻيجو، الطاف ميراڻي، قلندر بخش چانڊيو ۽ ٻين چيو ته جيڪب آباد ۾ بدامني جي باهه ٻري رهي آهي، ھر طرف ڦر ۽ چوريون جون وارداتون زور وٺي ويون آهن، جيڪو پوليس جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي، هنن چيو ته پوليس امن امان بحال ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، شهر سميت ٻاهرين علائقن ۾ موٽر سائيڪلن سميت مختلف سامانن جي ڦر ۽ چوريون معمول بڻيل آهن، هنن بدامني ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.