جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ اليڪٽرڪ چلهي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان ناري فوت، خبر موجب ڳوٺ احمد ميان سومرو ۾ 20 ورهين جي عظميٰ زال وقار سومرو اليڪٽرڪ چُلهي جي تار بورڊ ۾ لڳائي رهي هئي ته کيس ڪرنٽ لڳو، جنهن ۾ هوءَ بيهوش ٿي وئي، وارث ناري کي کڻائي اسپتال پهچايو، جتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ناري جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ناري جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته عظميٰ گهر ۾ کاڌي لاءِ اليڪٽرڪ چلهو هلائي رهي هئي ته کيس ڪرنٽ لڳو، جنهن ۾ هوءَ فوت ٿي وئي.