جيڪب آباد (ن پ ا) جيڪب آباد ۾ اڌڙوٽ شخص جو گهر جي ڪمري مان پوريل لاش هٿ، سندس زال گرفتار، عورت طرفان مڙس کي قتل ڪرڻ جو اعتراف، صدر ٿاڻي جي حد سومرا شاخ ڀرسان گهر جي ڪمري ۾ پوريل اڌڙوٽ شخص عبدالغفار ابڙو جو لاش هٿ ڪيو ويو، پوليس پهچي ڪمري ۾ پوريل لاش کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف پوليس ڪارروائي ڪري مقتول جي گهر واري بشيران خاتون ابڙو کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪيو، جتي عورت پنهنجي مڙس کي صدرالدين لاشاري جي مدد سان قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو ،