جيڪب آباد (رپورٽر) سنڌ پوليس ۾ مبينا سفارشي ڀرتيون ڪرڻ واري عمل خلاف اهل اميدوارن طرفان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اميدوارن شعيب گورشاڻي، راشد پنهور، وحيد وڳڻ، مقبول سومرو، در محمد سميجو ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته آءِ بي اي ٽيسٽ ذريعي پوليس کاتي جي لکت واري ٽيسٽ ۾ 85 کان 95 سيڪڙو تائين مارڪون کنيون آهن پر افسوس اسان کي پوئتي ڪري سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس 40 کان 45 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي سفارش عيوض ميرٽ لسٽ ۾ شامل ڪيو آهي جاري ڪيل ميرٽ لسٽ اهل اميدوارن جي سڌي لتاڙ ڪئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته اميدوارن کي آرڊر جاري ڪيا وڃن.