جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد پهلوان فقير جي رھواسڻ نينگري ڪلثوم کوسو کي اسڪول کان واپس ايندي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، نينگري جي رڙين تي جوابدار فرار ٿي ويو، نينگري ڪلثوم جي والد محمد شريف کوسو پريس ڪلب اڳيان پهچي احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو ته بااثر جوابدار منهنجي ڌيءَ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اين سي داخل ٿيڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ڪيو ويو آهي، هن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي.