جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ڀرسان ڊيوٽي تي اسڪول ويندڙ استاد سول ڊريس پهريل هٿياربندن هٿان کنڀجي ويو، استاد عاطف ڀٽي کي بشام بروهي لاڙي وٽ ڪار تي سوار اڻڄاتل هٿياربند کڻي ويا، واقعي خلاف استادن ۽ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو، استاد اظهر بنگلاڻي، قدرت الله گولو،هدايت الله سومرو ۽ ٻين مطالبو ڪندي چيوته نوٽيس وٺي استاد کي آزاد ڪرايو وڃي، ٻئي پاسي استاد عاطف ڀٽي جي کنڀڻ جي معاملي تي ايس ايس پي ترديدي بيان جاري ڪيو آهي، جيڪب آباد پوليس موجب استاد عاطف ڀٽي اغوا ناهي ٿيو، پوليس ان کي ڌمڪين جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي.