جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي بس اڏي روڊ تي کليل گٽر ۾ پوڙهي عورت ڪري زخمي ٿي پئي. رڙين تي رستي وارن عورت کي نالي مان ڪڍي ڪپڙن کي پاڻي هاري صاف ڪيو. شهر جي مختلف علائقن ۾ ميونسپل انتظاميا جي نااهلي سبب گٽرن جا ڍڪ لٿل آهن جنهن سبب شهرين جي ڪرڻ جا اھڙا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن.