جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالرحمٰن مغيري ۾ عائشه زال امجد مغيري  پاڻ مٿان مبينا طور پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. وارث ناري کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ناري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، ريحان عرف بگن جو چوڻ هو ته ڌيءَ سان ملڻ نه ڏنو ويندو هو، ڪيترائي ڀيرا ڌيءَ سان ملڻ ويس ته واپس موٽايو ويو.پوليس موجب عائشه جي وارثن موجب ته هن پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات جي ڪوشش ڪئي، شڪ جي بنياد تي ناري جي مڙس امجد مغيري کي گرفتار ڪيو آهي ڇو ته ناري کي پٺيان پسٽل جو فائر ٿيل آهي، شڪ آهي ته ناري کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.