جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي سول لائن ٿاڻي جي حد اي ڊي سي ڪالوني جي رهواسڻ پرڻيل عورت  سلميٰ جي پراسرار فوتگي جي معاملي جو وومنز ايڪشن فورم جي اڳواڻن نوٽيس وٺي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي وومنز ايڪشن فورم جي اڳواڻ امر سنڌو ۽ حسين مسرت  سلميٰ جي پراسرار فوتگي بابت چيو ته سلميٰ جو واقعو قتل يا خودڪشي  پڻ ٿي سگھي ٿو پوسٽ مارٽم  نه ڪرائڻ پوليس ۽ ڊاڪٽرن جي ڪوتاھي آھي هنن ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته سلميٰ جي پراسرار فوتگي جو نوٽيس وٺي جاچ ڪرايو وڃي.