جيڪب آباد ۾“سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل” شو ۾گهوڙن جي ڊوڙ: چوباز گهوڙو ڪامياب

0
20
جيڪب آباد ۾“سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل” شو ۾گهوڙن جي ڊوڙ: چوباز گهوڙو ڪامياب
جيڪب آباد ۾“سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل” شو ۾گهوڙن جي ڊوڙ: چوباز گهوڙو ڪامياب

جيڪب آباد(رپورٽر)  جيڪب آباد جي ميهر شاھه گرائونڊ تي سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل شو جي سلسلي ۾ گهوڙن جي ڊوڙ ڪرائي وئي، جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي گهوڙا سوارن شرڪت ڪئي، گهوڙن جي  ڊوڙ جي اي ڪيٽيگري ۾ مير نثار احمد کوسو جي چوباز کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو، بي ڪيٽيگري ۾ مير چنگيز خان پنهور جي گلفام گهوڙي ميدان ماري ورتو، جڏهن ته سي ڪيٽيگري ۾ گهوڙن جي ريلئي جي مقابلي ۾ مير نثار خان کوسو جي گهوڙي  شاندار ڪاميابي ماڻي ورتي، صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه گهوڙن جي ڊوڙ ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ کي ايوارڊ شيلڊ ڏنا، ذوالفقار شاهه  چيو ته جيڪب آباد ۾ سنڌ هارس اينڊ ڪيٽل شو جھڙو ميلو منعقد ڪرائڻ تمام ڀلي آهي ڇو ته سنڌ مان ميلا ۽ اوطاقون ختم ٿي رهيا آهن گهوڙا سواري جي ڊوڙ ڏسي تمام سٺو لڳو. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي راندين، لائيو اسٽاڪ ۽ ثقافت کاتي کان ايندڙ سال بجيٽ رکرايو ويندو. ميلي جي اختتام تي گھوڙن جي ريس ۾ڪاميابي حاصل ڪندڙ گهوڙن جي مالڪن مير نثار خان کوسو، مير دائود خان ۽ حامد خان کي شيلڊ پڻ تحفي ۾ ڏنا ويا آهن.