جيڪب آباد (رپورٽر) آل سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ لوئر اسٽاف ايسوسيئيشن طرفان ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري مشتاق سڌايو خلاف سندس آفيس آڏو ضلعي صدر عبدالرسول سومرو، نائب صدر علي مراد جکراڻي، گواز ضلعي جيڪب آباد جي جنرل سيڪريٽري مير حسن لاشاري، پ ٽ الف جيڪب آباد جي صدر عبدالجبار کوسو  جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو. مظاھرين جو چوڻ ھو ته ڊي اي او مشتاق سڌايو ننڍي ملازمن جي ترقين ۾ رڪاوٽ بڻيل آھي ڪرپٽ ڊي اي او کي فوري طور ھٽايو وڃي.  ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊي اي او مشتاق احمد سڌايو موقف اختيار ڪيو ته پٽيوالن کان جونيئر ڪلارڪ جي ترقين ۾ مان نه پر ڊي اي او پرائمري محمد پريل شيخ رڪاوٽ بڻيل آھي مان ته سندن احتجاجي ڪيمپ تي وڃي ويٺس ۽ کين خاطري ڪرائي ۽ چيو ته جيڪڏهن اوھان منھنجي بدلي چاھيو ٿا ته مان ان به راضي آھيان.