جيڪب آباد (رپورٽر) سول اسپتال جي اڪائونٽنٽ ۽ جونيئر ڪلارڪ ۾ منهن ماري، هڪٻئي کي گارگند، رشوت جا الزام، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، سول اسپتال جي اڪائونٽنٽ اخلاق سومرو ۽ جونيئر ڪلارڪ خان محمد سرڪي وچ ۾ مبينا طور رشوت جي پئسن تان منهن ماري ٿي پئي، ايم ايس آفيس ۾ هڪٻئي کي گارگند ڪئي وئي، جڏهن ته ايم ايس آفيس ۾ موجود اسٽاف وارن وچ ۾ پئي جهيڙو ٽاريو، وائرل ٿيل وڊيو ۾ جونيئر ڪلارڪ خان محمد سرڪي دانهين رهيو آهي ته منهنجي ڌيءَ بيمار آهي، جنھن جي علاج تي ڪراچي جي اسپتال ۾ 6 لک رپيا خرچ ڪري چڪو آهيان، ملازم هئڻ ناتي سرڪار پاران علاج جي مد ۾ پئسا ملندا آهن اڪائونٽنٽ اخلاق سومرو بل پاس ڪرڻ جا پئسا گهري رهيو آهي، رشوت نه ڏيڻ تي بل پاس نه ٿو ڪري، آئون اڳ پريشان آهيان مٿان وري اڪائونٽنٽ جي رويي سبب ڏک پهتو آهي،ٻي طرف ان سلسلي ۾ اڪائونٽنٽ اخلاق سومرو جو چوڻ آهي ته جونيئر ڪلارڪ خان محمد سرڪي بل جمع ناهن ڪرايا بل جمع ڪرائي ته اهي پاس ڪرايا ويندا، رشوت خوري جي الزامن ۾ صداقت ناهي.