جيڪب آباد: کدڙي فقير جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار گرفتار

0
77

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ پنج مھينا اڳ قتل ٿيل ويل گدڙو فقير انيل ڪمار عرف مھندي فقير جي قتل ۾ ملوث روپوش ٿيل مک جوابدار گرفتار ٿي ويو، صدر پوليس مک جوابدار غلام محمد عرف لعل محمد بروهي کي پسٽل سميت جيلاني ٽائون وٽان گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، گرفتار ٿيل جوابدار کي سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي  ڪيو ويو، جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب 16 سيپٽمبر تي جوابدار کي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.