جيڪب آباد(ن پ ا) جيڪب آباد ۾ ڊبليو ايچ او پروگرام ۾ مبينا ڪروڙين جي ڪرپشن ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڪرپشن جي جاچ اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻو پاران شروع ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان اينٽي ڪرپشن برانچ جي انسپيڪٽر انڪوائري آفيسر حبدار علي شيخ پاران ڊي ايچ او هيلٿ جيڪب آباد کي ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل ڪلارڪنن خلاف جاچ ڪرڻ لاءِ 28 اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي، الزام هيٺ آيل ڊي ايچ او هيلٿ جي 3 ملازمن کي طلب ڪيو ويو آهي، اينٽي ڪرپشن انڪوائري آفيسر موجب ڊي ايچ او هيلٿ آفيس جي ڪلارڪنن فنڊن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، هوڏانهن  ڊي ايچ او هيلٿ سراج احمد سهتو ٻڌايو ته اينٽي ڪرپشن جي ليٽر جي خبر پئي آهي، ڊبليو ايچ او جو فنڊ ڪنهن به فرد کي ناهي ملندو ڪرپشن ڪٿان ٿيندي.