جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد پوليس 3 ڏينھن گذرڻ باوجود ٻن ڪروڙن جي ماليت جو پڪڙيل غيرقانوني سامان ڪسٽم اختيارين حوالي نه ڪيو، خشڪ کير ۽ بادام مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ جا چوٻول: خبر موجب بلوچستان کان ايندڙ ٻن ڪروڙ روپين جي ماليت جو نان ڪسٽم شين سان ڀريل ٽرڪ کي سي آءِ اي پوليس سٽي ٿاڻي جي حد پٿر موڙ ڀرسان پڪڙڻ جي دعوي’ ڪئي هئي، پوليس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پڪڙيل ٽرڪ مان 300 ڪٽا خشڪ کير، 100 ايراني پلاسٽڪ بيگ، ھڪ سئو ڪٽا بادام ۽ 260 ڪريٽ صوف شامل آھن، جيڪي 3 ڏينھن گذرڻ باوجود ڪسٽم اختيارين حوالي ناھن ڪيا ويا، خشڪ، کير ۽ بادام مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ جا چوٻول آهن، ان سلسلي ۾ ڪسٽم انچارج رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس پاران اسان کي اڃا تائين ڪو اھڙو غيرقانوني ملڪي سامان ناھي مليو، سي آءِ اي انچارج مزمل سومرو جو چوڻ ھو ته پڪڙيل سامان سٽي پوليس حوالي ڪيو ويو آھي، جيڪو عدالتي اجازت نامي بعد ڪسٽم پوليس حوالي ڪيو ويندو، ايس ايچ او سٽي عبدالرزاق ٽڳڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪسٽم اختيارين کي لکيو آھي پر انھن جو ڪو جواب ناھي ڏنو، ٻئي پاسي ذريعن وٽان مليل معلومات موجب پوليس بادام جا 20 ڪٽا مارڪيٽ ۾ 1700 روپين ۾ في ڪلو ھڪ دڪاندار کي وڪرو ڪيا آھن، جڏھن ته 40 ڪٽا پوليس آفيسر پنھنجي گاڏي ۾ لاڙڪاڻو کڻي ويو آھي.