جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي باءِ پاس تي ڊيوٽي دوران 8 ڏينهن اڳ ڏوهارين هٿان شهيد ٿيل اهلڪار شاهنواز ککراڻي جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدارن غلام سرور ۽ اعجاز گلواڻي کي مولاداد پوليس گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس پاران اها دعويٰ به ڪئي وئي ته گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان شهيد اهلڪار کان ڦر ٿيل ڪلاشنڪوف سميت 3 ڪلاشنڪوف هٿ ڪيا ويا آهن ان سلسلي ۾ ايس ايس پي جي ترجمان موجب ته مولاداد پوليس ناوڙا ڀرسان ڳجهي اطلاع تي ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي گرفتار ڏوهاري شهيد اهلڪار شاهنواز ککراڻي جي قتل ۾ ملوث هئا جڏهن ته شهيد اهلڪار جي ڪيس ۾ نامزد ٿيل آهن گرفتار جوابدارن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو هوڏانهن ٻئي پاسي علائقي ۾ آهن ته مولاداد پوليس بااثرن معرفت ڊيل تحت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي پوليس پاران ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي جي دعويٰ ڪري ڪارڪردگي ڏيکاري پئي وڃي.