جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد ويجهو اوستا محمد واسي مغوي نوجوان جي بازيابي لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان پوليس جو گڏيل آپريشن، ٿاڪ ٺاهي ويٺل ڏوهارين جي پوليس مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ، بلوچستان پوليس جي سب انسپيڪٽر ۽ اينٽي دهشتگردي فورس جي 3 اهلڪارن سميت 6 اهلڪار شهيد، 2 زخمي، علائقي کي ڪڙو، خبر موجب اوستا محمد جي مل اونر ايسوسيئيشن جي صدر محمد اسلم سومرو جي فرزند فرقان علي سومرو جي بازيابي لاءِ ايس ايس پي اوستا محمد حسنين اقبال جي اڳواڻي ۾ جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد دادپور جاگير ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي گڏيل آپريشن ڪيو، جنهن دوران مورچن ۾ ويٺل ڌاڙيلن پوليس مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ بلوچستان پوليس جو سب انسپيڪٽر طيب عمراڻي، اينٽي دهشتگردي فورس جا 3 اهلڪار نثار احمد، محمد عثمان، رياض احمد، عبدالوهاب ۽ خادم شاهه ٿڏي تي شهيد ٿي ويا، جڏهن ته حسين بخش ۽ الطاف حسين شديد زخمي ٿي پيا، ڏوهارين جي حملي کانپوءِ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار واقعي واري هنڌ تڙپندا رهيا، واقعي بعد جيڪب آباد ۽ بلوچستان مان اضافي نفري گهرائي اهلڪارن جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ سبب لاڙڪاڻي منتقل اسپتال ڪيو ويو، جڏهن ته شهيد اهلڪارن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد بلوچستان اختيارين حوالي ڪيا ويا، 6 مڙهه ايمبولينس ذريعي جيڪب آباد کان جعفرآباد اسپتال منتقل ڪيا ويا، ذريعن موجب مغوي فرقان سومرو عيد جي ٽوئر تي دوستن سان گڏ ڪوئيٽا ويل هو، جتان هو رات جعفرآباد پهتو، جتي دوستن کي ڇڏڻ کانپوءِ پنهنجي گهر اوستا محمد ويو ته ڏوهارين کيس اغوا ڪيو، اطلاع تي بلوچستان پوليس ڏوهارين جو پيڇو ڪيو، ڏوهاري جيڪب آباد جي دنب ٿرڙي جي علائقي ۾ ڪار ڇڏي مغوي نوجوان کي جاگير جي علائقي ۾ کڻي ويا، جڏهن ته بلوچستان پوليس موبائيل ٽريس ڪيو ته مغوي جي لوڪيشن جيڪب آباد جي علائقي جاگير ۾ ملي، جنهن کانپوءِ مغوي جي بازيابي لاءِ جيڪب آباد پوليس سان گڏجي آپريشن ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته 3 پوليس ٽيمن علائقي کي ڪڙو چاڙهي آپريشن شروع ڪيو ته جاگير جي علائقي ۾ گهاٽا وڻ، واريءَ جا ٽٻا ۽ واهن جا وڏا ڪپر هئڻ سبب پوليس اهلڪارن کي آپريشن ۾ مشڪلاتون پيش آيون، پوليس پارٽي جڏهن ڏوهارين جي ٿاڪن جي ويجهو پهتي ته واهه جي اندر مورچي ۾ ويٺل ڏوهارين اهلڪارن مٿان انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ فرنٽ تي موجود 6 اهلڪار ٿڏي تي شهيد ۽ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا.