جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي سول لائن ٿاڻي جي حد مھاجر ڪالوني جي رھواسڻ 18ورھين جي فوزيه لاشاري کي شادي جو ڏٽو ڏئي 6 مھينن تائين مبينا زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار جھانگير ڪٽو خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي، پوليس جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بدران متاثر ناري کي فرسٽ سول جج امتياز حسين لاکير جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ناري پيءُ سان وڃڻ جو بيان ڏنو، جنهن بعد عدالت 10 لک مچلڪن عيوض ناري کي پيءُ عبدالنبي لاشاري حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته ناري کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جنهن پنهنجي پيءُ سان وڃڻ لاءِ بيان رڪارڊ ڪرايو جنهن بعد عدالت جي حڪم تي ناري کي پيءُ جي حوالي ڪيو ويو آهي.