جيڪب آباد مڪاني ضمني چونڊ: پ پ ۾ اختلاف نه نبريا: هٿ کنيل آزاد اميدوار کي ٽڪيٽ جاري

0
70
جيڪب آباد مڪاني ضمني چونڊ: پ پ ۾ اختلاف نه نبريا: هٿ کنيل آزاد اميدوار کي ٽڪيٽ جاري
جيڪب آباد مڪاني ضمني چونڊ: پ پ ۾ اختلاف نه نبريا: هٿ کنيل آزاد اميدوار کي ٽڪيٽ جاري

جيڪب آباد (رپورٽ: عبد الغني کوسو) پ پ ۾ ميونسپل وارڊ جي ٽڪيٽ تان شروع ٿيل تڪرار شدت اختيار ڪري ويو، هٿ کڻي ويل آزاد اميدوار کي پ پ ڏئي ڇڏي

خبر موجب پ پ ۾ ميونسپل وارڊ جي ضمني چونڊ جي ٽڪيٽ تان جکراڻي ۽ ابڙو ڌر ۾ ھلندڙ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو آهي، وارڊ 22 تي اڳوڻي ايم پي اي اسلم ابڙو جي پٽ آصف ابڙو پاران پ پ جي مقامي قيادت سان اختلاف هجڻ ڪري پنهنجو نامزدگي فارم واپس وٺڻ، اعجاز جکراڻي ۽ ضلعي قيادت مٿان لڳايل الزامن بعد پ پ جي جيالن پاران اسلم ابڙو خلاف سوشل ميڊيا تي مهم شروع ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اسلم ابڙو کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي

جڏهن ته ٻئي پاسي اسلم ابڙو جي حامين اعجاز جکراڻي ۽ ضلعي قيادت تي الزام مڙهيا آهن ته هنن سازش تحت اسان جي اميدوار جي مخالفت ۾ آزاد اميدوار بيهاريا

هوڏانهن وارڊ 22 تي اسلم ابڙو جي پٽ آصف ابڙو پاران نامزدگي فارم واپس وٺڻ بعد آزاد اميدوار تنوير بروهي جنهن ساڳي ئي ڏينهن تي چونڊن تان هٿ کنيو هو ان کي پ پ ٻيهر چونڊ وڙهڻ لاءِ ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد هن هٿ کڻڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو، هاڻي وارڊ 22 تي پ پ اميدوار تنوير بروهي، آزاد اميدوار لياقت کوسو ۽ ٽي ايل پي اميدوار عمران علي وچ ۾ مقابلو ٿيندو