جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي عدالت منشيات ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي خيرپور ۽ راڻيپور واسي ٻن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، خبر موجب جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو جي عدالت 120 ڪلو چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي خيرپور واسي جوابدار محمد پنهل گوپانگ ۽ راڻيپور واسي جوابدار محمد يعقوب عمراڻي کي عمر قيد ۽ هڪ – هڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ هڪ هڪ سال قيد ڪاٽيندا، ياد رهي ته 10 جنوري 2020 تي ايڪسائيز پوليس باءِ پاس تي ٽرڪ مان 120 ڪلو چرس هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو هو.